ڀت گش فيلڊ

ڀت گش فيلڊ

ڀت گئس فيلڊ

ڀت گئس فيلڊ: تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني ”لاسمو“ (LASMO) جيڪا بعد ۾ ENI بڻي، تنهن سال 2000ع ۾ کيرٿر سلسلي ۾ ڀت جبل ويجهو نئنگ شريف ڳوٺ، ڪائي، گاجي شاهه ۽ جهانگارا ويجهو وڏي تعداد ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولي لڌا ۽ بعد ۾ ان ئي علائقي ۾ نئنگ شريف ڳوٺ ويجهو ڏکڻ ۾ دريافت ٿيل گئس کي صاف ڪري تجارتي مقصدن لاءِ وڪرو ۽ استعمال ڪرڻ واسطي وڏو (Gas Purification) گئس صاف ڪرڻ جو پلانٽ لڳايو ۽ فيلڊ کي ڀت گئس فيلڊ جو نالو ڏنو. ڀت گئس فيلڊ سنڌ ۾ قادپور گئس فيلڊ گهوٽڪي، زمزمه گئس فيلڊ جوهي وانگر سنڌ جي هڪ وڏي فيلڊ آهي، جيڪا ملڪي سطح تي National Network ۾ گئس مهيا ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. بعد ۾ ڪمپني کي بڊي جبل ۽ لڪي ويجهو به تيل ۽ گئس جا ذخيرا مليا جن مان پيداوار ملڻ شروع ٿي آهي. هن وقت ضلع ڄامشوري ۾ هي وڏي گئس فيلڊ آهي جنهن ۾ مقامي توڙي غير مقامي هزارين ماڻهو ڪم ڪن ٿا. ڀت گئس فيلڊ مان سوين بيرل تيل جي پيداوار ٿئي ٿي ENI ۽ ڀت گئس فيلڊ انتظاميا پاران ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي حوالي سان علائقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم اين جي اوز جي معرفت هلن پيا. تفريحي ماڳ بڊو جبل، نئينگ وادي، ڪائي وادي ۽ منڇر جو ڪجهه حصو به سندن ٺيڪي ۽ تيل ڳولا واري ايراضيءَ ۾ شامل آهن. ملڪي توڙي عالمي ماحولياتي ادارن ڀت گئس ڪمپني انتظاميا ۽ ENI کي پابند بڻايو آهي ته هن علائقي ۾ جهنگلي جيوت ۽ ٻي هر قسم جي ماحوليات جو تحفظ خيال رکيو وڃي ۽ پڻ علائقي ۾ ڦهليل سوين تاريخي ماڳن سان هٿ چراند کان پاسو ڪيو وڃي ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ جوڳا قدم کڻجن، جنهن ۾ آثار قديمه جو تحفظ ۽ منڇر ڍنڍ جي ترقي به شامل آهن.


لفظ ڀت گئس فيلڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڪمپني - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

او جي ڊي سي
ڀت گئس فيلڊ
ڪمپني ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون